خيرپور ڀرسان ٽرڪ جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ 3 نوجوان فوت ٿي ويا،حادثي کانپوءِ پوليس ٽرڪ ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو

khairpur-map10-8

خيرپور ڀرسان ٽرڪ جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ 3 نوجوان فوت ٿي ويا،حادثي کانپوءِ پوليس ٽرڪ ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو.

نيشنل هاءِ وي تي ٽرڪ جو موٽر سائيڪل کي زوردار ٽڪر لڳڻ سبب نوجوان منصور بڙدي، لالو بڙدي ٿڏي تي فوت ٿي ويا ۽  نوجوان بابر  بڙدي سخت زخمي ٿي پيو.

حادثي کانپوءِ نوجوان جا لاش ۽ زخمي کي سول اسپتال پهچايو ويو، جتي نوجوان بابر بڙدي به زخمن جا سور نه سهدي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو.

پوليس جو چوڻ آهي ته ٽئي نوجوان سکر کان موٽر سائيڪل تي خيرپور اچي رهيا هئا ته حادثو پيش آيو، حادثي کانپوءِ ٽرڪ ڊرائيور کي گرفتار ڪيو ويو آهي………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*