پي ٽي آءِ ڪنٽرول لائين تي ڀارتي اڳرائين تي بان ڪي مون کي خط لکي گڏيل قومن جو اجلاس گهرائڻ ۽ ايل ايل او سي تي پنهنجا مبصر مقرر ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

Imran-Khan-221116

پي ٽي آءِ ڪنٽرول لائين تي ڀارتي اڳرائين تي بان ڪي مون کي خط لکي گڏيل قومن جو  اجلاس گهرائڻ ۽ ايل ايل او سي تي پنهنجا مبصر مقرر ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، عمران خان چيو آهي ته سيڪريٽري جنرل طور بان ڪي مون جي ذميواري آهي ته عالمي امن ۽ سلامتي جو تحفظ يقيني بڻائي.

پاڪستان تحريڪ انصاف جي بني گالا ۾ ٿيل اهم اجلاس کانپوءِ عمران خان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل بان ڪي مون کي خط لکي ڇڏيو.

اجلاس ۾ ڪنٽرول لائين تي ڀارتي اڳرائين کي روڪڻ لاءِ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ ۽ ايل او سي تي مبصر مقرر ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.

پي ٽي آءِ قيادت جو چوڻ هو ته وزيراعظم جي ڪمزور اخلاقي ساک ملڪي سلامتي ۽ رياستي مفادن لاءِ تباهه ڪندڙ ثابت ٿي رهي آهي، ايل او سي تي اڳرائين تي حڪومت وٽ کوکلن بيانن کانسواءِ ڀارت کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪجهه به نه آهي.

عمران خان چيو آهي ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل هئڻ جي ڪري بان ڪي مون جي ذميواري آهي ته عالمي قانونن تحت عالمي امن ۽ سلامتي کي يقيني بڻائي.

عمران خان چيو آهي ته ڀارت جنگبندي لائين ۽ عالمي سرحد تي مقرر پاڪستاني فوجين مٿان حملن جو سلسلو شروع رکيو پيو اچي.

عمران خان چيو آهي ته ڪشمير مسئلو ڪيتري ئي عرصي کان التويٰ جو شڪار آهي، گڏيل قومن طرفان ڀارتي اڳرائين کي روڪڻ لاءِ ڪي به ڪوششون نه پيون ڪيون وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*