آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا چيو آهي ته جيڪڏهن پوليس کان ڏنڊي جي زور تي رڳو چونڊون ئي کٽرايون وينديون ته پوءِ بهتري ڪيئن ايندي

ig sindh takreeb hyd

آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا چيو آهي ته جيڪڏهن پوليس کان ڏنڊي جي زور تي رڳو چونڊون ئي کٽرايون وينديون ته پوءِ بهتري ڪيئن ايندي، سروي رپورٽس موجب عوام جو پوليس تي اعتماد نه رهيو آهي،پر مدد وري به فون تي پوليس کي ئي ڪئي ويندي آهي، پوليس تي ڪرپشن جا الزام لڳائڻ سولو ڪم آهي پر اڄ تائين ڪنهن پوليس واري جو مون محل  نه ڏٺو آهي، پوليس جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ لاءِ قانوني سڌارن جي ضرورت آهي.

حيدر آباد ۾ پوليس ۽ عوام وچ ۾ سهڪار وڌائڻ جي عنوان هيٺ ڪوٺايل سيمينار کي خطاب ڪندي آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه اعتراف ڪيو ته عوام کي  پوليسنگ جا اڃا بهتر فائدا نه پهچي سگهيا آهن پر عوام مدد لاءِ وري به فون تي پوليس کي ڪندو آهي.

آءِ جي چيو ته شهرين جي حقن سان گڏ پوليس اهلڪارن جي حقن جي به ڳالهه ڪرڻ کپي، پوليس بابت سروي رپورٽس ۾ چيو وڃي ٿو عوام جو پوليس تي اعتماد ناهي رهيو، پوليس توڙي عوام ٻنهي کي رويا ٺيڪ ڪرڻا پوندا.

آءِ جي اي ڊي خواجه چيو ته پوليس کان ڏنڊي جي زور تي رڳو چونڊون ئي کٽرائڻيون آهن ته بهتري ڪٿان ايندي، پوليس جي ڪارڪردگي بهتر  بنائڻ لاءِ قانوني سڌارن جي ضرورت آهي.

سيمينار کي خطاب ڪندي جامي چانڊيو، رٽائرڊ جسٽس غلام رباني ۽ ٻين پوليس ۾ اصلاح ڪرڻ تي زور ڀريندي چيو ته پوليس کي فورس بدران پبلڪ سروس  ۽ ماڊل طور متعارف ڪرائڻ لازمي آهي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*