صوبائي صلاحڪار مولا بخش چانڊئي چيو آهي ته وزير اعظم بحران مان نڪرڻ چاهي ٿو ته کيس بلاول ڀٽو زرداري جا 4 مطالبا تسليم ڪرڻا پوندا

mola bux hyd

صوبائي صلاحڪار مولا بخش چانڊئي چيو آهي ته وزير اعظم بحران مان نڪرڻ چاهي ٿو ته کيس بلاول ڀٽو زرداري جا 4 مطالبا تسليم ڪرڻا پوندا، مطالبا اهڙا ناهن جو نواز شريف جي ڪرسي لڏي ويندي، پ پ بلاول جي حڪم تي مطالبا مڃرائڻ لاءِ روڊن تي نڪرندي.

حيدر آباد ۾ پوليس ۽ عوام وچ ۾ سهڪار وڌائڻ جي عنوان هيٺ ڪوٺايل سمينار کي خطاب ڪندي مولابخش چانڊئي چيو ته وزير اعظم کي بلاول ڀٽو زرداري جا 4 مطالبا تسليم ڪرڻا پوندا، ٻئي صورت ۾ وزير اعظم لاءِ  بحران مان نڪرڻ ڏکيو ٿي پوندو.

مولا بخش چانڊئي چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جا مطالبا اهڙا ناهن جو وزير اعظم جي ڪرسي لڏندي نظر ايندي، جيڪڏهن بلاول ڀٽو زرداري حڪم ڪيو ته پارٽي جا ڪارڪن مطالبا مڃرائڻ لاءِ روڊن تي نڪرڻ لاءِ تيار آهن…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*