نوابشاهه ۾ عورت احتجاج ڪندي الزام هنيو آهي ته سندس مڙس شادي ڪرڻ بعد وڪرو ڪري ڇڏيو، اختياريون نوٽيس وٺي تحفظ فراهم ڪن

nawabshah

نوابشاهه ۾ عورت احتجاج ڪندي الزام هنيو آهي ته سندس مڙس شادي ڪرڻ بعد وڪرو ڪري ڇڏيو، اختياريون نوٽيس وٺي تحفظ فراهم ڪن.

شهر جي منو آباد واري علائقي جي رهواسڻ روبينا ڌي اقبال حسين وارثن سان گڏ نوابشاه پريس ڪلب پهچي دانهيو ته پوليس اهلڪار بشير زرداري فون تي رابطو ٿيڻ بعد 19 نومبر 2016 تي ٻن شاهدن راشد ۽ راجو جي سامهون نڪاح ڪيو.

هن ٻڌايو ته مڙس هڪ هفتي بعد مونکي ڌمڪيون ڏيڻ لڳو ۽ پنهنجي پيءُ اصغر زرداري سان ملي ڀڳت ڪري مونکي ٻئي هنڌ وڪرو ڪري ڇڏيو.

هن چيو ته اصغر زرداري مونکي ڌوکي سان خريد ڪندڙ شخص وٽ موٽر سائيڪل تي کڻي وڃي رهيو هو ته اتان فرار ٿي پنهنجي والدين وٽ پهتي آهيان.

هن مطالبو ڪيو ته پوليس اهلڪار بشير زرداري خلاف ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*