لاڙڪاڻي جي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ فائنل ايئر جي امتحان ۾ آئوٽ آف ڪورس پيپر ملڻ خلاف شاگردن امتحان جو بائيڪاٽ ڪري مظاهرو ڪيو

larkana save study

لاڙڪاڻي جي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ فائنل ايئر جي امتحان ۾ آئوٽ آف ڪورس پيپر ملڻ خلاف شاگردن امتحان جو بائيڪاٽ ڪري  مظاهرو ڪيو، انتظاميه جي خاطري کانپوءِ شاگردن احتجاج ختم ڪيو.

  فائنل ايئر جي شاگردن آفتاب احمد، علي حيدر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سالياني پيپرز جو بائيڪاٽ ڪري پرنسپال جي آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

شاگردن جو چوڻ هو ته فائنل ايئر جي سالياني امتحان واري پرچن ۾ آئوٽ آف ڪورس سوال ڏنا ويا آهن، جيڪي شاگرد حل نٿا ڪري سگهن.

هنن مطالبو ڪيو ته  پيپرز مان آئوٽ آف ڪورس سوال ختم ڪري ٻيهر پرچا جاري ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ امتحان جو بائيڪاٽ جاري رکيو ويندو.

احتجاج دوران ڪاليج انتظاميه شاگردن سان ڳالهيون ڪري پرچا ٻيهر جاري ڪرڻ جي خاطري ڪرائي، جنهن کانپوءِ احتجاج ختم ڪيو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*