ڌانڌلين جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جي قيام تائين اسيمبلي ۾ واپس نه وينداسين عمران خان

نواز ليگ جي ميمبر رياض تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿي ويو، پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو آهي ته، ڌانڌلين جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جي قيام تائين هو اسيمبلي واپس نه ويندا، ڌرڻن جو مرحلو ختم ٿي ويو، سڀاڻي ايندڙ حڪمت عملي جو اعلان ڪيو ويندو.

اسلام آباد ۾ عمران خان سان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪندي نواز ليگ اڳواڻ رياض فتيانا ۽ سعيد ورڪ پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو.

ان موقعي تي ڳالهائيندي عمران خان چيو ته، رياض فتيانا چونڊن دوران اڳوڻي جسٽس رمدي جي ڀاءُ جي مقابلي ۾ بيٺو هو، نواز ليگ کي جسٽس رمدي ۽ افتخار چوڌري گڏجي چونڊن ۾ ڪاميابي ڏياري.

سندس چوڻ هو ته، چيو پيو وڃي ته لاهور جي تڪ اين اي 122 جا فارم 14 ۽ 15 ملي ويا، پر ٻڌايو وڃي ته اهي فارم 14 ۽ 15 هاڻ ڪٿان مليا آهن.

هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته چونڊن ۾ ڌانڌلين بابت جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جي قيام تائين هو اسيمبلي ۾ واپس نه ويندا.

پي ٽي آءِ سربراهه چيو ته، پشاور ۾ آرمي پبلڪ اسڪول جي سيڪيورٽي جي ذميواري فوج مٿان آهي، صوبائي سرڪار کي ان جو ذميوار قرار ڏيڻ غلط آهي.

هن چيو ته، دهشتگردي خلاف جنگ حڪومت وڙهي رهي آهي، پر حڪومت ڇا پئي ڪري؟

هن چيو ته، ڌرڻن جو مرحلو ختم ٿي ويو، سڀاڻي پي ٽي آءِ جي ڪنوينشن دوران ايندڙ حڪمت عملي جوڙي ويندي، عالمي سطح تي پيٽرول جون قيمتون 60 سيڪڙو گهٽيون آهن ۽ نواز ليگ سرڪار پي ٽي آءِ جي ڌرڻي جي دٻاءُ سبب پيٽرول سستو ڪيو.

عمران خان چيو ته سندن  ڌرڻو ختم ٿيو ته حڪومت ٻيهر پيٽرول تي سرچارج لڳائي ڇڏي، ماڻهو پهرين پيٽرول، هاڻ سي اين جي لاءِ ڌڪا کائي رهيا آهن.

عمران خان چيو ته فرانسيسي مگيزين طرفان گستاخ خاڪا شايع ڪرڻ مذمت جوڳو عمل آهي ۽ ان سان اسان جي دل آزاري ٿي آهي، مسلمان ملڪن کي گستاخ خاڪن خلاف سخت ردعمل ڏيکارڻ گهرجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*