وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته اين ايف سي ايوارڊ جو آدمشماري سان ڪو به تعلق ناهي، مالياتي ايوارڊ صوبن جو آئيني حق آهي، جنهن ۾ دير ڪرڻ مناسب ناهي

cm khi

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته اين ايف سي ايوارڊ جو آدمشماري سان ڪو به تعلق ناهي،  مالياتي ايوارڊ صوبن جو آئيني حق آهي، جنهن ۾ دير ڪرڻ مناسب ناهي.

مٺي ۾ ايم اين اي فقير شير محمد بلالاڻي سان سندس والده جي لاڏاڻي تي تعزيت بعد ميڊيا سان ڳالهائندي وڏي وزير چيو ته ٿرڪول قومي منصوبو آهي، ان لاءِ ٺهندڙ ڊيم تي مقامي ڳوٺاڻن کي اعتماد ۾ ورتو ويندو.

هن چيو ته ٿرڪول ڊولپمينٽ اٿارٽي ۽ ٿـَر پيڪيج لاءِ جلد ٿرپارڪر جو دورو ڪندس ۽ اُتان جي  رهواسين کي  هر ممڪن رليف فراهم ڪيو ويندو.

سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ جي مڪاني ادارن جي نمائندن کي قانون مطابق اختيار حاصل آهن، ضروري ناهي ته کين وڏي وزير جا اختيار ڏنا وڃن.

هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته اين ايف سي ايوارڊ جو آدمشماري سان ڪوبه تعلق ناهي، ايوارڊ صوبن جو آئيني حق آهي، جنهن ۾ دير ڪرڻ مناسب ناهي……………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*