وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي توانائي ڪميٽي جي اجلاس ۾ بجلي منصوبن جو جائزو ورتو ويو

pm ijlas

وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي توانائي ڪميٽي جي اجلاس ۾ بجلي منصوبن جو جائزو ورتو ويو، وزيراعظم چيو آهي ته حڪومت سنڀالڻ وقت بجلي جو بحران هو، هاڻي صنعتن لاءِ لوڊشيڊنگ زيرو آهي، بجلي ورڇ واري سسٽم ۾ پيدا ٿيل خرابيون ختم ڪرڻيون پونديون.

وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي توانائي بابت ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن دوران ملڪ ۾ هلندڙ مختلف توانائي منصوبن جو جائزو ورتو ويو.

اجلاس دوران وزيراعظم کي بريفنگ ڏني وئي ته سال 2017 ۽ 2018ع دوران اڪثر توانائي منصوبا مڪمل ٿي ويندا، جنهن ڪري بجلي لوڊشيڊنگ ۾ گهڻي حد تائين گهٽتائي اچي ويندي.

بريفنگ ۾ چيو ويو ته شهري ۽ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ لوڊشيڊنگ گهڻِي حد تائين گهٽجي وئي آهي، حڪومت ختم ٿيڻ تائين مهانگي بجلي خريد ڪرڻ تي نه ڀاڙڻو پوندو.

ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته اقتدار سنڀالڻ وقت ملڪ ۾ بجليءَ جو وڏو بحران هو پر حڪومت جي ڪوششن سبب صنعتن لاءِ لوڊشيڊنگ زيرو آهي.

وزيراعظم چيو ته بجلي ڊسٽري بيوشن سسٽم ۾ خرابيون موجود آهن،  جيڪي پڻ ختم ڪرڻيون پونديون……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*