نصير آباد تعلقي اسپتال ۾ ڊاڪٽرز ۽ دوائن جي کوٽ خلاف شهري اتحاد جي سڏ تي احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو

naseera bad pro

نصير آباد تعلقي اسپتال ۾ ڊاڪٽرز ۽ دوائن جي کوٽ خلاف شهري اتحاد جي سڏ تي احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو.

شهرين ۽ سياسي سماجي تنظيمن اسپتال ۾ ڊاڪٽرز ۽ دئاون نه هجڻ خلاف ريلي ڪڍي اسپتال جي گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو.

احتجاج ڪندڙن چيو ته اسپتال ۾ ڊاڪٽر، دوائون ۽ سهولتون نه هجڻ سبب ايمرجنسي ۾ مريضن کي لاڙڪاڻو وٺي وڃڻ دوران ڪيترن ئي ماڻهن جون حياتيون وڃائجي چڪيون آهن.

احتجاج ڪندڙن چيو ته باربار دانهڻ باوجود اسپتال ۾ ڊاڪٽرز ۽ دوائن جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ صحت کاتي جي ڪن تي جونءِ به نه ٿي چري، جنهن سبب مريضن جون حياتيون داءَ تي لڳل آهن.

نصير آباد واسين سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه کي اپيل ڪئي آهي ته اسپتال ۾ ڊاڪٽرز ۽ دوائون موڪلي شهرين کي صحت جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*