چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل زبير محمود حيات وزيراعظم نواز شريف ۽ صدر ممنون حسين سان ملاقات ڪري پيشيوراڻن معاملن تي ڳالهيون ڪيون

Nawaz-Sharif--Mamnoon-26716

چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل زبير محمود حيات وزيراعظم نواز شريف ۽ صدر ممنون حسين سان ملاقات ڪري پيشيوراڻن معاملن تي ڳالهيون ڪيون، جنرل زبير محمود حيات چيو آهي ته پاڪ فوج ملڪ جي اِنچ انچ جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻي ٿي.

چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل زبير محمود حيات وزيراعظم هائوس پهچي وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران پاڪ فوج جي پيشيوراڻن معاملن، سرحدي ۽ امن امان جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.

وزيراعظم نواز شريف، جنرل زبير محمود حيات کي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جو عهدو سنڀالڻ تي واڌايون ڏنيون.

جنرل زبير محمود حيات ايوان صدر پهچي صدر ممنون حسين سان به ملاقات ڪري پيشوراڻن معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.

جنرل زبير محمود حيات چيو آهي ته پاڪ فوج ملڪ جي انچ انچ جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻي ٿي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*