ڪراچي پوليس عزيز آباد ويجهو گهر مان وڏي انگ ۾ هٿيار هٿ اچڻ واري ڪيس ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه ٿيڻ بابت رپورٽ دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪئي

Karachi-Police-FIR-51116

ڪراچي پوليس عزيز آباد ويجهو گهر مان وڏي انگ ۾ هٿيار هٿ اچڻ واري ڪيس ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه ٿيڻ بابت رپورٽ دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪئي، پوليس جي رپورٽ بعد عدالت ڪيس اي ڪلاس ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

ڪراچي پوليس هٿيارهٿ اچڻ واري ڪيس ۾ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ بابت رپورٽ پيش ڪندي چيو ته ڪوششن باوجود جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا آهن ان ڪري ڪيس اي ڪلاس ڪيو وڃي.

 پوليس جي رپورٽ بعد عدالت ڪيس اي ڪلاس ڪرڻ جي منظوري ڏني، جنهن تحت جوابدارن جي گرفتاري بعد ڪيس ٻيهر هلايو ويندو.

پوليس پنهنجي رپورٽ ۾ اهو به ڄاڻايو آهي ته جنهن گهر مان هٿيار هٿ آيا اهو، جعلي دستاويزن تي حاصل ڪيو ويو، جنهن جي مالڪ جو به پتو نه پئجي سگهيو آهي.

عزيز آباد واري علائقي ۾ پاڻي جي ٽئنڪ مان وڏي انگ ۾ هٿ آيل هٿيارن ۾ اينٽي ايئر ڪرافٽ گن ۽ هزارين گوليون شامل هيون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*