سپريم ڪورٽ جيڪب آباد ۾ غير قانوني ڀرتين ۽ مقررين واري ڪيس ۾ سنڌ جي صحت کاتي جي رپورٽ رد ڪندي ضلعي اندر جعلي ڀرتيون ختم ڪرڻ ۽ بدليون روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

Supreme-Court-18816

سپريم ڪورٽ جيڪب آباد ۾ غير قانوني ڀرتين ۽ مقررين واري ڪيس ۾ سنڌ جي صحت کاتي جي رپورٽ رد ڪندي ضلعي اندر جعلي ڀرتيون ختم ڪرڻ ۽ بدليون روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، جسٽس امير هاني مسلم ريمارڪس ڏنا آهن ته اينٽي ڪرپشن پاڻ ڪري کي هٿي ڏئي رهيو آهي.

چيف جسٽس، جسٽس انور ظهير جمالي جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽَي رڪني بئنچ جيڪب آباد ضلعي اندر 305 مقررين واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران صحت کاتي طرفان رپورٽ پيش ڪئي وئي.

عدالت صحت کاتي جي رپورٽ رد ڪندي ريمارڪس ڏنا ته سنڌ اندر ڇا ٿي رهيو آهي؟ سموريون ڀرتيون ضابطن جي ابتڙ ڪيون ويون، بدعنواني ۽ پنهنجا نوازي جي به ڪا حد هوندي آهي.

جسٽس امير هاني مسلم ريمارڪس ڏنا ته هڪ ٽيڪنسيشن کي ڪم نٿو اچي، پگهار کڻي رهيو آهي، حوالدار کانسواءِ ڪنهن خلاف ڪارروائي ناهي ڪئي وئي.

جسٽس امير هاني مسلم چيو ته ان کان وڌيڪ بي ايماني ڪهڙي هوندي ته ڊيوٽي نه ڪندڙ به پگهار کڻن پيا، سنڌ ۾ ڇا ٿئي پيو؟ اينٽي ڪرپشن پاڻ ڪرپشن کي هٿي ڏئي رهيو آهي.

سپريم ڪورٽ جيڪب آباد ضلعي اندر جعلي ڀرتيون ختم ڪرڻ ۽ بدليون روڪڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*