ڪراچي جي ميئر وسيم اختر چيو آهي ته سندس اختيار محدود پر جذبا لا محدود آهن، عوام جي اعتماد تي پورو لهنداسين

Waseem-Akhtar-01-620x330

ڪراچي جي ميئر وسيم اختر چيو آهي ته سندس اختيار محدود پر جذبا لا محدود آهن، عوام جي اعتماد تي پورو لهنداسين، سنڌ سرڪار، اين جي اوز ۽ سرندي وارا عوامي مسئلا حل ڪرڻ ۾مدد ڪن.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي  وسيم اختر چيو اسين 100 ڏينهن وارو منصوبو ڏئي رهيا آهيون ، ڪراچي جي ماڻهن جي بنا فرق جي خدمت ڪنداسين.

ڪراچي جي ميئر چيو ته اسان جا اختيار محدود پر جذبا لامحدود آهن ۽ اختيار ڪيترا به هجن، عوام جي اعتماد تي پورا لهنداسين.

هن چيو ته متحده اختيارن کان محروم مڪاني ادارن جي چونڊ ۾ حصو ورتو، گند ڪچرو ۽ روڊ سموري ڪراچي جو بنيادي مسئلو آهي.

وسيم اختر ڪراچي جي عوامي مسئلن جي حل لاءِ اين جي اوز ۽ سرندي وارن کي ساٿ ڏيڻ جي اپيل ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*