ڪراچي جي پاڪ ڪالوني ۾ قانون لاڳو ڪندڙ اداري ڀنگ لاءِ اغوا ڪيل ٽن ڄڻن کي بازياب ڪرائي 9 ڏوهارين کي گرفتار ڪري ورتو

karachi-police01-9

ڪراچي جي پاڪ ڪالوني ۾ قانون لاڳو  ڪندڙ اداري ڀنگ لاءِ اغوا ڪيل ٽن ڄڻن کي بازياب ڪرائي 9 ڏوهارين کي گرفتار ڪري ورتو، ڪورنگي، نارٿ ناظم آباد ۽ ماڙيپور ۾ پوليس ڪاررواين دوران 6 ڏوهارين کي گرفتار ڪيو.

ذريعن موجب قانون لاڳو ڪندڙ اداري ڳجهي اطلاع تي پاڪ ڪالوني واري علائقي ۾ ڇاپو هڻي ٽن مغوين کي بازياب ڪرائي ورتو.

ڪارروائي دوران 9 ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويو، جن وٽان هٿيار پڻ هٿ ڪيا ويا.

پوليس ڪورنگي، نارٿ ناظم آباد ۽ ماڙيپور ۾ ڪارروايون ڪري 6 ڏوهارين کي گرفتار ڪيو، جن وٽان به هٿيار هٿ ڪيا ويا……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*