پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته هــــُو اڳ ئي 24هين آئيني ترميم کي رد ڪري چڪا آهن

Shah Mehmood

پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته هــــُو اڳ ئي 24هين آئيني ترميم کي رد ڪري چڪا آهن، بلاول ڀٽو زرداري کي ڪجهه ماڻهن کان آزادي حاصل ڪرڻي پوندي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري هڪ سياسي جماعت جو سربراهه آهي، کيس تنظيم جي مضبوطي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.

تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ بلاول ڀٽو زرداري کي صلاح ڏيندي چيو ته کيس ڪجهه ماڻهن کان آزادي حاصل ڪرڻي پوندي.

شاهه محمود قريشي اهو نه ٻڌايو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي ڪنهن کان آزادي حاصل ڪرڻي پوندي، پر هن اشارو ڏنو ته هو انهن ماڻهن بابت جلد بلاول کي ٻڌائيندو……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*