پهرين ڊسمبر کان عوام مٿان پيٽرول جو بم ڪيرائڻ جون تياريون شروع ٿي ويون، اوگرا پيٽرول 4 رپيا مهانگو ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي

petrol remain

پهرين ڊسمبر کان عوام مٿان پيٽرول جو بم ڪيرائڻ جون تياريون شروع ٿي ويون، اوگرا پيٽرول 4 رپيا مهانگو ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سمري پيٽروليم واري وزارت ڏانهن اماڻي وئي.

ذريعن موجب اوگرا تيل جي قيمتن ۾ ڦيرڦار واري سمري تيار ڪري پيٽروليم واري وزارت ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي، جنهن جي منظوري وزيراعظم کان ورتي ويندي.

اوگرا پيٽرول جي في ليٽر اگهه ۾ 4 رپيا، هاءِ آڪٽين جي قيمت ۾ 6 رپيا 82 پيسا، گاسليٽ جي اگهه ۾ 2 رپيا 81 پيسا واڌ ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.

اوگرا هاءِ اسپيڊ ڊيزل 5 رپيا 42 پيسا مهانگو ۽ لائيٽ ڊيزل جي اگهه ۾ 13 پيسا لاٿ جي تجويز ڏني آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته اوگرا پاران اماڻيل سمري جي حتمي منظوري وزيراعظم کان ورتي ويندي، جنهن بعد تيل جي اگهه بابت اعلان ڪيو ويندو……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*