قومي اسيمبلي پاناما ليڪس جي جاچ لاءِ حڪومت جو پاڪستان انڪوائري ڪميشن بل 2016 منظور ڪري ورتو

National-Assembly-2816

قومي اسيمبلي پاناما ليڪس جي جاچ لاءِ حڪومت جو پاڪستان انڪوائري ڪميشن بل 2016 منظور ڪري ورتو، بل جي منظوري خلاف اپوزيشن سخت احتجاج بعد واڪ آئوٽ  ڪيو، بل جي منظوري کانپوءِ حڪومت پاڻمرادو ڪنهن به معاملي جي جاچ لاءِ ڪميشن جوڙي سگهي ٿي.

قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ مختلف معاملن تي بحث ڪيو ويو.

ايوان جي ڪارروائي شروع ٿي ته پ پ جي شازيه مري ڪورم جي نشاندهي ڪئي، جنهن کانپوءِ اسپيڪر اجلاس ڪجهه منٽن لاءِ ملتوي ڪيو.

قانون واري وزير زاهد حامد پاڪستان انڪوائري ڪميشنز بل 2016 پيش ڪيو، جنهن تي اپوزيشن ميمبرز سخت احتجاج ڪيو.

اسپيڪر اپوزيشن جي احتجاج ۽ سخت نعريبازي باوجود پاناما ليڪس جي جاچ لاءِ حڪومت جي پاڪستان انڪوائري ڪميشن بل 2016 جي منظور ڏني.

بل جي منظوري کانپوءِ وفاقي حڪومت وٽ ڪنهن به معاملي جي جاچ لاءِ پاڻمرادو ڪميشن جوڙي سگهي ٿي،جڏهن ته ڪميشن کي ڪنهن به شخص کي سمن جاري ڪرڻ جو اختيار حاصل هوندو.

بل موجب، انڪوائري ڪميشن وٽ ڪنهن به عمارت ۾ داخل ٿيڻ ۽ جهڙتي وٺڻ جا اختيار هوندا، جڏهن ته پوليس کي جاچ جو حڪم به ڏئي سگهجي ٿو.

ايوان ۾ قومي اسيمبلي ۾ انڪم ٽئڪس ترميمي بل 2016 به پيش ڪيو ويو، جنهن جي اڪثريت راءِ سان منظوري ڏني وئي.

ايوان ۾ مختلف معاملن تي بحث جاري هو ته اسپيڪر اجلاس جي ڪارروائي اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي…………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*