گهوٽڪي ۾ گذريل ڏينهن مارواڙي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران مارجي ويل شخص جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن لاش ٿاڻي اڳيان رکي ڌرڻو هنيو

ghoti qatal

گهوٽڪي ۾ گذريل ڏينهن مارواڙي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران مارجي ويل شخص جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن لاش ٿاڻي اڳيان رکي ڌرڻو هنيو.

ڪالهه بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ مارواڙي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙَي دوران 40 ورهين جو ڍليو مارواڙي مارجي ويو هو.

واقعي جو ڪيس داخل ٿيڻ باوجود جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن بي سيڪشن ٿاڻي اڳيان ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي.

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته بنو، چيتن، صالم ۽ دادن سميت 9 جوابدارن مٿان قتل جو ڪيس داخل ڪرايو آهي پر پوليس هڪ به جوابدار کي گرفتار نه ڪيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*