ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ پاران عدالت ملڪ دشمن تقرير ۽ ميڊيا هائوسز تي حملي واري ڪيس ۾ گهربل ايم ڪيو ايم اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار کي پيش نه ڪرڻ تان ڪاوڙ جو اظهار

ATC-16-4-16

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ پاران عدالت ملڪ دشمن تقرير ۽ ميڊيا هائوسز تي حملي واري ڪيس ۾ گهربل ايم ڪيو ايم اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار کي پيش نه ڪرڻ تان ڪاوڙ جو اظهار، عدالت چيو آهي ته پوليس ناڪارا بڻجي وئي آهي، فاروق ستار روز ٽي وي تي نظر اچي رهيو آهي پر پوليس کي ملي ئي نه ٿو، ايندڙ ٻڌڻي تي فاروق ستار سميت سمورن روپوش جوابدارن کي پيش ڪيو وڃي.

اي ٽي سي ۾ ملڪ دشمن تقرير ۽ ميڊيا هائوسز تي حملي واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

ايس ايس پي سينٽرل ڪيس ۾ روپوش جوابدارن جي گرفتاري بابت رپورٽ پيش ڪندي چيو ته ڳولا باوجود جوابدار اڃا نه ملي سگهيا آهن، وڌيڪ مهلت ڏني وڃي.

عدالت فاروق ستار کي پيش نه ڪرڻ تان ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته فاروق ستار روزانو ٽي وي تي نظر اچي رهيو آهي پر پوليس کي ملي ئي نه ٿو.

عدالت مفرور جوابدارن کي اشتهاري قرار ڏيڻ واري ڪارروائي هلائڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته پوليس ناڪارا بڻجي وئي آهي.

عدالت اي آءِ جي کي سمورن روپوش جوابدارن کي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ڪري ڇڏي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*