نئين ديري جي ڪچي واري علائقي ۾ کهڙا-ڀٽا برادري ۾ هلندڙ تڪرار تان 2 ڏينهن اڳ قتل ٿي ويل ڌنار اسدالله کهڙو جو ڪيس سنڌ نيشنل فرنٽ جي سربراهه ممتاز ڀٽو

larkana mumtaz bhito

نئين ديري جي ڪچي واري علائقي ۾ کهڙا-ڀٽا برادري ۾ هلندڙ تڪرار تان 2 ڏينهن اڳ قتل ٿي ويل ڌنار اسدالله کهڙو جو ڪيس سنڌ نيشنل فرنٽ جي سربراهه ممتاز ڀٽو سميت 15 ڄڻن خلاف نئين ديري جي ڪي ٽي ممتاز ٿاڻي تي قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو، پوليس ڳوٺ الهورايو ماڇي سميت مختلف هنڌن تي چڙهايون ڪري ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، ممتاز ڀــُٽَي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گرفتاري کان اڳ ضمانت واري درخواست داخل ڪرائي ڇڏي.

2 ڏينهن اڳ نئين ديري جي ڪچي واري علائقي ۾ ڪي ٽِي ممتاز ٿاڻي جي حد ۾ کهڙا ۽ ڀٽا برادري ۾ هلندڙ تڪرار تان ڌنار اسدالله کهڙو مارجي ويو هو.

ڪيٽي ممتاز پوليس مقتول جي وارثن جي فرياد تي سنڌ نيشنل فرنٽ جي سربراهه ممتاز ڀٽو سميت 15 ڄڻن خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.

پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کانپوءِ ڳوٺ الهورايو ماڇي سميت مختلف هنڌن تي چڙهايون ڪري ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

ٻئي طرف سنڌ نيشنل فرنٽ جي سربراهه ممتاز علي ڀٽو ڪيس داخل ٿيڻ کانپوءِ ڪراچي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ پهچي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*