صوبائي صلاحڪار مولا بخش چانڊئي بجلي ۽ پاڻي واري وزير عابد شير علي جي بيان تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي

mola bux hyd

صوبائي صلاحڪار مولا بخش چانڊئي بجلي ۽ پاڻي واري وزير عابد شير علي جي بيان تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته نواز شريف عابد شير علي جي زبان کي لغام ڏئي، بدزبان وزير سياسي اختلافن کي ويڙهه ڏانهن وٺي وڃي رهيو آهي، عابد آشير جي زبان بند نه ٿي ته حالتن جو ذميوار نواز شريف هوندو.

مولا بخش چانڊئي عابد شير علي جي بلاول ڀٽو زرداري بابت ڏنل بيان تي سخت رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته عابد شير علي بدزبان وزير آهي، جيڪو سياسي اختلافن کي ويڙهه ڏانهن وٺي وڃڻ چاهي ٿو.

مولا بخش چانڊئي چيو ته اهڙي زبان استعمال ڪرڻ کانپوءِ مفاهمت جي ڪابه گنجائش نه ٿي رهي، نواز شريف پنهنجي بدزبان وزير جي زبان کي لغام نه ڏنو ته حالتن جو ذميوار نواز شريف پاڻ هوندو.

مولا بخش چانڊئي چيو ته اين اي 258 تي عبدالحڪيم بلوچ جي ڪاميابي بلاول ڀٽو زرداري جي نئين جذبي ۽ ملير جي عوام جي ڪاميابي آهي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*