سپريم ڪورٽ، صحت کاتي جيڪب آباد ۾ غير قانوني ڀرتين واري ڪيس ۾ 7 ڊسمبر تائين تفصيلي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

Supreme-Court-18816

سپريم ڪورٽ، صحت کاتي جيڪب آباد ۾ غير قانوني ڀرتين واري ڪيس ۾ 7 ڊسمبر تائين تفصيلي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت ريمارڪس ۾ چيو آهي ته هڪ ڪٽنب جا هن کاتي ۾ 62 ماڻهو آهن، عدالت قدم کنيو ته چيف سيڪريٽري ۽ صحت واري سيڪريٽري خلاف به ڪارروائي ٿيندي.

چيف جسٽس،جسٽس انور ظهير جمالي جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ صحت کاتي جيڪب آباد ۾ غير قانوني ڀرتين واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ دليل ڏنا ته صحت کاتي ۾ غير قانوني ڀرتين واري معاملي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

جسٽس امير هاني مسلم رمارڪس ڏنا ته اها ڪهڙي فيملي آهي، جنهن جا 62 ڀاتي صحت کاتي ۾ ملازم آهن، عدالت ڪارروائي ڪئي ته چيف سيڪريٽري صحت واري سڪريٽري قدم کنيو ويندو.

عدالت، صحت کاتي جيڪب آباد ۾ غير قانوني ڀرتين واري ڪيس ۾ 7 ڊسمبر تائين تفصيلي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*