پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ پاناماليڪس ڪيس هلي رهيو آهي

imran khan

پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ پاناماليڪس ڪيس هلي رهيو آهي پر سندن نظر ۾ ڪيس ختم ٿي چڪو آهي، شريف ڪٽنب جون 7 مهينن کان ڪهاڻيون مٽجي رهيون آهن، وزير اعظم پارليامينٽ ۾ ڪوڙ ڳالهايو.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته وزير اعظم نواز شريف پاناماليڪس معاملي تي قوم سان ڪوڙ ڳالهايو، جيڪو اڄ عدالت ۾ پڌرو ٿي ويو.

هن چيو ته شريف ڪٽنب پاران عدالت ۾ جمع ڪرايل دستاويزن موجب، دبئي ۾ اسٽيل مل خساري ۾ هئي، وزير اعظم ۽ سندس ٻارن جي جواب ۾ واضح تضاد آهي.

عمران خان چيو ته شريف ڪٽنب جي ذهن ۾ نه هو ته معاملو ڳنڀير ٿي ويندو، هنن عدالت ۾ مني ٽرائل جو ٻڌايو ئي نه آهي.

تحريڪ انصاف جي سربراهه چيو ته پاناماليڪس ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ هلي رهيو آهي، پر سندن نظر ۾ ڪيس اڄ ئي ختم ٿي ويو آهي.

عمران خان وڌيڪ چيو ته نيب چيئرمين شريف ڀائرن کي بچائڻ لاءِ قانون جا بکيا اڊيڙي ڇڏيا آهن، مٿس غداري جو ڪيس هلايو وڃي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*