ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته سنڌ سرڪار جي مجرماڻي غفلت سبب ڪراچي شهر رهڻ جي قابل نه رهيو آهي

dr-Farooq-satar

ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته سنڌ سرڪار جي مجرماڻي غفلت سبب ڪراچي شهر رهڻ جي قابل نه رهيو آهي، ميئر وسيم اختر محدو اختيارن ۽ وسيلن باوجود عوام جي خدمت ڪندو.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فاروق ستار چيو ته ڪراچي شهر مسئلن جي ور چڙهيل آهي، ميئر وسيم اختر سئو ڏينهن جو پروگرام شروع ڪيو آهي، ٽن ضلعن ۾ اسڪول، صحت مرڪز ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪيون وينديون.

فاروق ستار چيو ته لامحدود اختيارن وسيلن سبب هو  ڪا وڏي هام نٿا هڻن پر شهر جا مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا.

ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ وڌيڪ چيو ته وسيم اختر چئي چڪو آهي ته هو ڪنهن مخصوص طبقي نه پر ڪراچي شهر جو ميئر آهي.

فاروق ستار چيو ته سنڌ سرڪار جي مجرماڻي غفلت سبب ڪراچي شهر مسئلن جو ڳڙهه بڻجي ويو آهي، پر ميئر شهر جون وڃايل رونقون واپس ڪرڻ لاءِ ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون آهن.

فاروق ستار ڪراچي ۾ رهندڙ سمورن شهرين کي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ مدد ڪرڻ جي اپيل ڪئي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*