“تعصب ۽ نفرت کان مٿانهين سنڌ” جي سرِي هيٺ 4 ڊسمبر تي ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ لاءِ سڄي سنڌ اندر ماڻهن ۾ جوش ۽ جذبو وڌي ويو آهي

ekta takreeb

“تعصب ۽ نفرت کان مٿانهين  سنڌ” جي سرِي هيٺ 4 ڊسمبر تي ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ لاءِ سڄي سنڌ اندر ماڻهن ۾ جوش ۽ جذبو وڌي ويو آهي، ايڪتا عيد ويجهو ايندي ئي سنڌ جون واهڻ وستيون ثقافتي رنگن سان جرڪِي پيون آهن، ايڪتا ريلين، مچ ڪچهرين، مشاعرن ۽ ٻين تقريبن جو سلسلو تيز ٿي ويو آهي.

لاڙڪاڻي ۾ گورنمينٽ سينٽ جوزف هاءِ اسڪول ۾ ايڪتا جي حوالي سان رنگا رنگ تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ اسڪولي ٻارڙن قومي گيتن تي جهمريون هنيون ۽ ٽيبلوز پيش ڪيا.

ان موقعي تي اسڪول جي پرنسپال عبدالرشيد چانڊيو 4 ڊسمبر تي ريلي ڪڍي ايڪتا جي مک تقريب ۾ شرڪت جو اعلان ڪيو.

ٽنڊي الهيار ۾ گرلز هائير سيڪنڊري اسڪول ۾ ايڪتا جاڳرتا تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين ٽيبلوز پيش ڪري قومي گيتن تي جهمريون هنيون.

ٺٽَي ويجهو ڳوٺ پيرمحمد بروهي پرائمري اسڪول ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ٻارڙن انساني زنجير ٺاهي ايڪتا جو اظهار ڪيو ۽ قومي گيتن تي رقص ڪيو.

ڪرمپور ويجھو هاءِ اسڪول مهراڻ خان بجاراڻي ۾ تقريب دوران ٻارڙن ايڪتا جي حوالي سان شاعري پيش ڪئي.

ڪوٽ غلام محمد ويجهو ڊينگاڻ ڀرڳڙي هاءِ اسڪول ۾ ايڪتا جي تقريب ٿي، جنهن ۾ يوسي ناظم محمد آصف ڀرڳڙي سميت ٻين شرڪت ڪئي، اسڪولي ٻارڙن ٽيبلوز پيش ڪري قومي گيتن تي جهمريون هنيون.

پير ڳوٺ ويجهو پرائمري اسڪول گهوگهي مڱڻيجا ۾ ايڪتا جي حوالي سان شاندار پروگرام منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ شاگردن ۽ استادن پاران انساني زنجير ٺاهي وئي.

مٺياڻي ۾ گلزار مصطفيٰ پرائمري اسڪول ۾ ايڪتا تقريب دوران ٻارڙن پاران انساني زنجير ٺاهي وئي ۽ ٽيبلوز به پيش ڪيا ويا.

سجاول ۾ پبلڪ پارڪ چوڪ ڀرسان مچ ڪچهري ڪرائي وئي، جنهن ۾ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، اڳوڻي ايم پي اي شفيق احمد شاهه بخاري، پ پ شهيد ڀٽو جي يونس ڀان ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

مچ ڪچهري ۾ ٿر جي مشهور فنڪار رفيق فقير، ڀلوڙ راڳي صادق فقير جي پٽ نزاڪت فقير ۽ ٻيجل سنڌي فن جو مظاهرو ڪري ماڻهن کي جهومائي ڇڏيو، جڏهن ته اياز امر شيخ، سورج سجاولي ۽ ٻين شاعري پيش ڪري سنڌ امڙ کي ڀيٽا پيش ڪئي.

ميهڙ ۾ دي اسٽوڊنٽ ماڊل هاءِ اسڪول پاران ٽن ڏينهن لاءِ ايڪتا راندين جا مقابلا ڪرايا پيا وڃن، جنهن ۾ سائيڪل ريلي، ونجهه وٽِي ۽ ڪرڪيٽ جا مقابلا ٿي رهيا آهن.

ميهڙ ۾ ئي پ پ سنڌ ڪائونسل جي ميمبر سيد سڪندر علي شاهه پاران ايڪتا تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ شاعرن ۽ سگهڙن پاران نڪور شاعري، ڏور بيت ۽ ڳجهارتون ڏئي سنڌ کي ڀيٽا پيش ڪئي.

خيرپور ناٿن شاهه ۾ مين بوائز پرائمري اسڪول ۾ ايڪتا تقريب کانپوءِ ٻارڙن پاران ريلي ڪڍي انساني زنجير ٺاهي وئي.

بدين ۾ مين پرائمري اسڪول غريب آباد ۾ ايڪتا جي سلسلي ۾ رنگارنگ تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ مشهور راڳي ڪڇي سر ورکا ڪئي.

بدين جي پروگريسو پبلڪ اسڪول ۾ ايڪتا جاڳرتا تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن دوران ٽيلبوز پيش ڪري قومي گيتن تي رقص ڪيو.

ڄام صاحب ۾ دعا ايجوڪيشن اڪيڊمي ۾ ايڪتا جي حوالي سان پروگرام منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ ٻارڙن ۾ تقريري مقابلا ٿيا.

پني عاقل جي چانڊورام هال ۾ مندر گلي يونين ۽ هندو برادري پاران ايڪتا تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ مـُکِي سترومل ۽ ڊي ايس پي عبدالحميد پنهور سميت وڏي انگ ۾ شهرين شرڪت ڪئي.

تقريب ۾ راڳي فقيرن توفيق عباس ۽ سوراج ڪمار قومي گيت ڳائي ماڻهن کي جهومائي ڇڏيو.

ٺارو شاهه جي مين پرائمري اسڪول ۽ عبدالخالق اڄڻ پرائمري اسڪول ۾ ڌار ڌار تقريبون منعقد ڪيون ويون، شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران انساني زنجير ٺاهي ايڪتا جو اظهار ڪيو ويو.

ڪوٽڙي ڪبير ويجهو ڳوٺ پهلوان جروار ۾ ايڪتا رهاڻ رچائي وئي، جنهن ۾ فنڪارن سر وکيري ماڻهن تي سحر طاري ڪري ڇڏيو.

پنگرئَي ۾ مين گورنمينٽ پرائمري اسڪول ۽ هاءِ اسڪول ۾ ڌار ڌار تقريبن دوران ٻارڙن خاڪا ۽ ٽيبلوش پيش ڪيا، جنهن بعد ريليون ڪڍي انساني زنجير ٺاهي وئي.

ننگرپارڪر ۾ آرمي ماڊل پبلڪ اسڪول ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ اسڪولي ٻارڙن ٽيبلوز پيش ڪري سنڌ جي ثقافت جي حوالي سان تقريرون ڪيون.

خيرپور جي سنڌ پبلڪ اسڪول ۾ سهڻي ڌرتي تنظيم ڪولاب جيئل طرفان ڪوٺايل تقريب ۾ ٻارڙن ۾ تقريري مقابلا ٿيا، جڏهن ته شاگردن ثقافتي لباس پهري شادين جي رسم کي اجاگر ڪيو.

خيرپور ۾ پرائمري اسڪول ٽــُو ۾ پ ٽ الف پاران ايڪتا جي حوالي سان تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ شاگردياڻين ثقافتي لباس پهري شرڪت ڪئي ۽ قومي گيتن تي رقص ڪيو.

ميرپور بٺورو بوائز هائير سيڪنڊري اسڪول ۾ ايڪتا تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن دوران فنڪارن سرن جي ورکا ڪري ماڻهن کي جهومائي ڇڏيو.

پڊ عيدن ۾ پرائمري اسڪول سيال ڪالوني ۾ ايڪتا تقريب دوران ٻارڙن قومي گيتن تي رقص ڪيو.

سيوهڻ ۾ پيراڊائيز پبلڪ هاءِ اسڪول ۾ منعقد ڪيل ايڪتا تقريب ۾ ٻارڙن ثقافتي لباس پائي شرڪت ڪئي، ٽيبلوز پيش ڪري قومي گيتن تي جهمريون هنيون ويون.

پير ڳوٺ ۾ فاطمه ماڊرن پبلڪ اسڪول بهار لاڙڪ ۾ ايڪتا تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ٻارڙن خاڪا ۽ ٽيبلوز پيش ڪيا.

ڳڙهي ياسين جي آغا صدرالدين پرائمري اسڪول ۾ ايڪتا تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين قومي گيتن تي رقص ڪيو.

دادو سول اسپتال ۾ ڊاڪٽرن ايڪتا جي اظهار طور مريضن کي ٽوپيون ۽ اجرڪ اوڍايا، جڏهن ته نوابشاهه جي خورشيد بيگم گرلز پرائمري اسڪول ۾ شاگردن ۾ تقريرن جا مقابلا ٿيا.

چوهڙ جمالي ۾ النور پبلڪ اسڪول ۾ ايڪتا تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ شاگردن پاران انساني زنجير ٺاهي وئي، قمبر جي گرلز هاءِ اسڪول ۾ ايڪتا تقريب دوران ٽيبلوز پيش ڪري قومي گيتن تي رقص ڪيو.

سنڌڙي ۾ مري برادري طرفان ڪارن ۽ موٽر سائيڪلن تي ايڪتا جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي، جنهن دوران قومي گيتن تي جهمريون هنيون ويون…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*