اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ جي قيادت کان 23 فيبروري تي پرڏيهي فنڊنگ بابت جواب طلب ڪري ورتو

اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ جي قيادت کان 23 فيبروري تي پرڏيهي فنڊنگ بابت جواب طلب ڪري ورتو آهي.

پي ٽي آءِ جي اڳوڻي نائب صدر اڪبر ايس بابر پاران اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست داخل ڪرائي موقف اختيار ڪيو ويو ته پي ٽي آءِ جي قيادت پرڏيهي فنڊنگ جا تفصيل ظاهر نه ٿي ڪري.

هن اليڪشن ڪميشن کي آگاهه ڪيو ته تحريڪ انصاف جي قيادت اثاثن جا تفصيل لِڪايا آهن، ايندڙ ٻڌڻي تي هو اليڪشن ڪميشن کي جوڳا ثبوت پيش ڪندي.

اليڪشن ڪميشن اهڙي درخواست تي تحريڪ انصاف کي نوٽيس جاري ڪندي 23 فيبروري تي جواب طلب ڪري ورتو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*