ايران ۽ 6 عالمي قوتن وچ ۾ ايٽمي پروگرام بابت ڳالهين جو نئون دور سوئٽزرلينڊ ۾ شروع ٿي ويو

ايران ۽ 6 عالمي قوتن وچ ۾ ايٽمي پروگرام بابت ڳالهين جو نئون دور سوئٽزرلينڊ ۾ شروع ٿي ويو آهي، ڌريون ڪنهن به نتيجي تي پهچڻ لاءِ پراميد آهن.

جنيوا ۾ ڳالهين جي نئين دور لاءِ آمريڪا، برطانيه، روس، چين، فرانس ۽ جرمني جي نمائندن جون ايراني عملدارن سان ڳالهيون ٻيهر شروع ٿي ويون آهن، گذريل سال 17 ڊسمبر تي ٿيل ڳالهين کانپوءِ ٿيندڙ انهن ڳالهين ۾ ڌريون ڪنهن اهڙي نتيجي  تي پهچڻ جي ڪوشش ڪنديون جيڪو سڀني لاءِ قابل قبول هجي.

چيني نمائندي وانگ چُن خابرو اداري سان ڳالهائيندي اميد ظاهر ڪئي ته ڌريون تاريخي ٺاهه تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪنديون ۽ ڳالهين جو اهو دور لاڀائتو ثابت ٿيندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*