ٺٽَي جي عدالت ۾ پ پ ايم پي اي اويس مظفر جي قافلي تي حملي واري ڪيس جي شاهد جوابدارن کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

thatta-06

ٺٽَي جي عدالت ۾ پ پ ايم پي اي اويس مظفر جي قافلي تي حملي واري ڪيس جي شاهد جوابدارن کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، عدالت ايندڙ ٻڌڻيءَ تي ٻين شاهدن کي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، عدالت چنگيز خان اغوا ڪيس ۾ ملڪ اسد جي ٻڌڻيءَ کان آجو قرار ڏيڻ واري درخواست تي گهرو کاتي کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج فتح مبين جي عدالت ۾ پ پ ايم پي اي اويس مظفر جي قافلي تي حملي واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران نامزد جوابدار اعجاز شاهه شيرازي، شفقت شاهه، رياض شاهه، فياض شاهه ۽ حنيف سميت ٻيا پيش ٿيا.

ڪيس جي شاهد محمد حسن ملاح بيان رڪارڊ ڪرائيندي جوابدارن کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪيو، جنهن تي عدالت 21 ڊسمبر تي ٻين شاهدن کي طلب ڪري ورتو آهي.

ساڳئي عدالت ڄامشوري جي سياسي شخصيت ملڪ چنگيز جي اغوا ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران ايم اين اي ملڪ اسد سڪندر ۽ ايس ايس پي پير فريد جان سرهندي سميت 9 اهلڪار پيش ٿيا.

ملڪ اسد ٻڌڻي کان آجو قرار ڏيڻ ۽ سڪيورٽي فراهم ڪرڻ لاءِ درخواست داخل ڪرائي، جنهن تي عدالت گهرو کاتي کي نوٽيس جاري ڪندي 14 ڊسمبر تائين جواب طلب ڪري ورتو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*