آمريڪي قونصل خاني وڏي وزير پاران لاڙڪاڻو ڪيڊٽ ڪاليج ۾ مبينا تشدد جو نشانو بڻايل شاگرد محمد احمد جو علاج آمريڪا مان ڪرائڻ لاءِ ويزا جاري ڪرڻ واري درخواست قبول ڪندي

Larkana-Cadet-College-181116

آمريڪي قونصل خاني وڏي وزير پاران لاڙڪاڻو ڪيڊٽ ڪاليج ۾ مبينا تشدد جو نشانو بڻايل شاگرد محمد احمد جو علاج آمريڪا مان ڪرائڻ لاءِ ويزا جاري ڪرڻ واري درخواست قبول ڪندي شاگرد ۽ سندس والدين کي اڄ ويزا جاري ڪرڻ لاءِ سڏائي ورتو آهي، شاگرد جو علاج آمريڪي رياست اوهائيو جي سن سنارٽي اسپتال ۾ ٿيندو.

آمريڪي قونصل خاني لاڙڪاڻو ڪيڊٽ ڪاليج ۾ مبينا تشدد جو نشانو بڻايل شاگرد محمد احمد جو علاج آمريڪا ۾ ڪرائڻ لاءِ ويزا جاري ڪرڻ لاءِ شاگرد ۽ سندس والدين کي سڏائي ورتو آهي.

وڏي وزير مراد علي شاهه آمريڪي قونصل خاني کي شاگرد جو اعلاج آمريڪا ۾ ڪرائڻ لاءِ درخواست ڪئي هئي جيڪا قبول ڪندي آمريڪي قونصل خاني شاگرد ۽ سندس والدين کي اڄ ويزا جاري ڪرڻ لاءِ سڏايو آهي.

ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ مبينا تشدد جو نشانو بڻايل شاگرد محمد احمد مشوري جو علاج آمريڪي رياست اوهائيو جي سن سنارٽي اسپتال ۾ ڊاڪٽر رابن مارٽن ڪندو، جنهن جو سمورو خرچ سنڌ سرڪار برداشت ڪندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*