وفاقي حڪومت، 15 مارچ کان آدمشماري شروع ڪرائي ٻن مهينن اندر مڪمل ڪرڻ بابت سپريم ڪورٽ کي لکت ۾ خاطري ڪرائي ڇڏي آهي

Supreme-Court-13716

وفاقي حڪومت، 15 مارچ کان آدمشماري شروع ڪرائي ٻن مهينن اندر مڪمل ڪرڻ بابت سپريم ڪورٽ کي لکت ۾ خاطري ڪرائي ڇڏي آهي، چيف جسٽس ڪيس اُڪلائيندي چيو آهي ته اميد آهي ته حڪومت پنهنجي خاطري تي عملدرآمد ڪندي، واعدي تي عمل نه ٿيو ته ان جا سنگين نتيجا نڪرندا.

سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ آدمشماري بابت پاڻمرادي نوٽيس تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل لکت ۾ خاطري ڪرائيندي چيو ته 15 مارچ کان آدمشماري وارو عمل شروع ڪري 2 مهينن اندر مڪمل ڪيو ويندو.

عدالت رمارڪس ڏنا ته اميد ته حڪومت خاطري تي عملدرآمد ڪرائيندي، جيڪڏهن عمل نه ٿيو ته سنگين نتيجا نڪري سگهن ٿا.

چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن حڪومت پنهنجو واعدو وفا نه ڪيو ته توهين عدالت جي ڪارروائي هلائي سگهجي ٿي.

عدالت آدمشماري ۾ دير بابت پاڻمرادي نوٽيس اڪلائيندي حڪومت کي خاطري تي عملدرآمد ڪرائڻ جي هدايت ڪئي………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*