صدر ممنون حسين، سپريم ڪورٽ جي سينيئر جسٽس، جسٽس ثقاقب نثار کي چيف جسٽس آف پاڪستان مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

Mamnoon-Hussain-13816

صدر ممنون حسين، سپريم ڪورٽ جي سينيئر جسٽس، جسٽس ثقاقب نثار کي چيف جسٽس آف پاڪستان مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، موجوده چيف جسٽس، جسٽس انور ظهير جمالي 30ڊسمبر تي ريٽائرڊ ٿيندو.

قانون واري وزارت صدر جي منظوري کانپوءِ جسٽس ثاقب نثار جي نئين چيف جسٽس آف پاڪستان طور مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو.

قانون واري وزارت موجب، سپريم ڪورٽ جو موجوده چيف جسٽس، جسٽس انور ظهير جمالي 30 ڊسمبر تي ريٽائرڊ ٿي رهيو آهي.

جسٽس ثاقب نثار 31 ڊسمبر کان سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جو منصب سنڀاليندو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*