لاڙڪاڻو پوليس نئون ديرو مان هڪ سال اڳ اغوا ٿيل 5 ورهين جي نينگر ساحل ڪوريجو کي 4 جنوري تائين بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي آهي

larkana-Map05-8

لاڙڪاڻو پوليس نئون ديرو مان هڪ سال اڳ اغوا ٿيل 5 ورهين جي نينگر ساحل ڪوريجو کي 4 جنوري تائين بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ لاڙڪاڻو ۾ ساحل ڪوريجو اغوا معاملي جي ورتل پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران ايس ايس پي لاڙڪاڻو ڪامران نواز، ڊي ايس پي يار محمد رند، ايس ايڇ او نئون ديرو مرتضيٰ چانڊيو، نينگر ساحل ڪوريجو جي امڙ سبحان خاتون ۽ پيءُ ظهور ڪوريجو عدالت ۾ پيش ٿيا.

نينگر جي وارثن عدالت آڏو بيان ڏيندي چيو ته پوليس نينگر جي اغوا جي شڪ ۾ سندن هڪ عزيز عورت ڪلثوم زال احسان ڪوريجو کي حراست ۾ ورتو آهي، جنهن کانپوءِ اغوا واري جاچ ۾ ڪافي اڳڀرائي ٿي آهي.

ان موقعي تي پوليس عورت ڪلثوم جي گرفتاري کان لاتعلقي ظاهر ڪندي چيو ته جاچ جي سلسلي ۾ ڪنهن کي به گرفتار نه ڪيو ويو آهي.

ٻڌڻي دوران ايس ايس پي لاڙڪاڻو ڪامران نواز عدالت کي خاطري ڪرائي ته ايندڙ ٻڌڻي تائين مغوي نينگر ساحل ڪوريجو کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو، جنهن کانپوءِ ٻڌڻي 4 جنوري تائين ملتوي ڪئي وئي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*