خيرپور ضلعي ۾ خوراڪ کاتي جي گودامن ۾ رکيل ڪڻڪ جون لکين ٻوريون سرو لڳڻ سبب تباهه ٿي ويون آهن، خوراڪ کاتي جي عملدارن جو چوڻ آهي

khairpur food

خيرپور ضلعي ۾ خوراڪ کاتي جي گودامن ۾ رکيل ڪڻڪ جون لکين ٻوريون سرو لڳڻ سبب تباهه ٿي ويون آهن، خوراڪ کاتي جي عملدارن جو چوڻ آهي ته اسپري ۾ غير معياري دوا استعمال ڪرڻ سبب ڪڻڪ کي سرو لڳو آهي.

ذريعن موجب خيرپور ضلعي جي مختلف شهرن جي گودامن ۾ رکيل ڪڻڪ 2012ع کان 2014ع تائين خريد ڪئي وئي هئي، جيڪا نيڪال نه ٿيڻ سبب خراب ٿيڻ لڳي آهي.

ذريعن موجب ٽنڊو مستي گودام تي 12 هزار 54 ٻوريون کليل آسمان هيٺ رکيل آهن، جن کي پکي کائي رهيا آهن، جڏهن ته ڪڻڪ کي سرو پڻ لڳي ويو آهي.

ان کانسواءِ گمبٽ، ڊرٻ ميهر شاهه، ڪوٽڏيجي ۽ خيرپور جي گودامن تي پيل ٽن لکن کان وڌيڪ ٻورين کي پڻ سرو لڳي ويو آهي، جنهن ڪري ڪڻڪ جو وزن تيزي سان گهٽجي رهيو آهي.

خوراڪ کاتي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته 2012ع کان 2014ع تائين ڪڻڪ کي بچائڻ لاءِ ڪيل اسپري ۾ غير معياري دوا استعمال ڪئي وئي، جنهن ڪري ڪڻڪ کي سرو لڳي ويو آهي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*