لعلورائنڪ ۾ پير مهتاب شاهه بخاري جي ميلي مان 8 ورهين جو نينگر پراسرار نموني گم ٿي ويو، نينگر جي وارثن اغوا جو شڪ ظاهر ڪيو آهي

lalunk

لعلورائنڪ ۾ پير مهتاب شاهه بخاري جي ميلي مان 8 ورهين جو نينگر پراسرار نموني گم ٿي ويو، نينگر جي وارثن اغوا جو شڪ ظاهر ڪيو آهي.

ڳوٺ پيرو جج جو رهواسي 8 ورهين جو معصوم نينگر اميرعلي پٽ ممتاز علي چانڊيو لعلورائنڪ ۾ پير مهتاب شاھ بخاري جي ميلي دوران پراسرسرا نموني گم ٿي ويو.

نينگر جي وارثن فدا حسين چانڊيو، پرويز چانڊيو ۽ ٻين پريس ڪلب پهچي دانهيو ته معصوم نينگر کي گم ٿئي 24  ڪلاڪ گذري ويا آهن، پر پوليس ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي.

هنن چيو ته نينگر جي هر هنڌ ڳولا ڪئي آهي پر سندس ڪو به ڏس پتو پئجي نه سگهيو آهي، کين خدشو آهي ته نينگر کي اغوا ڪيو ويو آهي.

 هنن مطالبو ڪيو ته نينگر جي بازيابي لاءِ تڪڙا قدم کنيا وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج ڪيو ويندو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*