مارٽن لوٿر ڪنگ جي سالگرهه جي موقعي تي هالي ووڊ فلم سلميٰ جي ڪاسٽ پاران مارچ ڪيو ويو

آمريڪا ۾ ڪاري رنگ جي نسل وارن ماڻهن کي برابري جا حق ڏيارڻ واري جدوجهد جي سرواڻ مارٽن لوٿر ڪنگ جي سالگرهه جي موقعي تي هالي ووڊ فلم سلميٰ جي ڪاسٽ پاران مارچ ڪيو ويو، جنهن ۾ مشهور ٽي وي هوسٽ اوپرا ونفري به شرڪت ڪئي.

رياست الاباما ۾ مارچ ڪندڙ ۾ آسڪر ايوارڊز لاءِ نامزد فلم سلميٰ جي اداڪار ڊيوڊ اوئلووو به شريڪ ٿيو، جنهن فلم ۾ مارٽن لوٿر ڪنگ جو ڪردار ادا ڪيو آهي.

ان کانسواءِ آسڪر ايوارڊ لاءِ نامزد فلم سلميٰ جي ڊائريڪٽر ايوا ڊوورنـَي ۽ ٽي وي هوسٽ اوپرا ونفري به مارچ ۾ شرڪت ڪئي، جيڪا ساڳئي وقت هن فلم جي پروڊيوسر  به آهي.

مارچ جو بنيادي مقصد مارٽن لوٿر ڪنگ کي ڀيٽا پيش ڪرڻ سان گڏ 1965 ۾ ڪيل ان مارچ جو ورجاءُ ڪرڻ به هو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪاري رنگ جي نسل واري ماڻهن کي ووٽ جو حق ڏنو ويو..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*