اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران ووٽ جي اهميت کي اجاڳر ڪرڻ لاءِ اڄ “نيشنل ووٽرز ڊي” ملهايو پيو وڃي، جنهن سلسلي ۾ حيدرآباد، لاڙڪاڻو

suk realy election

اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران ووٽ جي اهميت کي اجاڳر ڪرڻ لاءِ اڄ “نيشنل ووٽرز ڊي” ملهايو پيو وڃي، جنهن سلسلي ۾ حيدرآباد، لاڙڪاڻو، نوشهرو فيروز ۽ شڪارپور ۾ ريليون ڪڍيون ويون.

شڪارپور ۾ ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر تنوير حيدر شاهه جي اڳواڻيءَ ۾ هاءِ اسڪول ون کان پريس ڪلب تائين جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي.

لاڙڪاڻي ۾ به ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر جي آفيس کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي ماڻهن ۾ جاڳرتا پيدا ڪئي وئي.

مٺي ۾ ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر جي اڳواڻيءَ ۾ ڪشمير چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي واڪ ڪيو ويو، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ اسڪولي ٻارڙن به شرڪت ڪئي.

ڪنڌڪوٽ ۾ ضلعي اليڪشن ڪمشنر لياقت علي آرائين جي اڳواڻيءَ ۾ پريس ڪلب کان اليڪشن ڪميشن جي آفيس تائين ريلي ڪڍي وئي.

نوشهرو فيروز ۾ اليڪشن ڪميشن پاران ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين عبدالستار عباسي، ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر علي اختر خان، اليڪشن آفيسر نعيم الرحمان جلباڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي.

ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته  اليڪشن ماڻهن جي تقدير جو فيصلو ڪري ٿي، جنهن ڪري عوام جو ووٽ جي اهميت کان واقف هجڻ تمام ضروري آهي.

هنن جو چوڻ هو ته نيشنل ووٽرز ڊي ملهائڻ جو مقصد ماڻهن ۾ ووٽ جي اهميت بابت آگاهي پيدا ڪرڻ آهي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*