لاهور ۾ قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 124 تي مبينه ڌانڌلين بابت اعتزاز احسن اڇو چٺو جاري ڪري ڇڏيو

لاهور ۾ قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 124 تي مبينه ڌانڌلين بابت اعتزاز احسن اڇو چٺو جاري ڪري ڇڏيو آهي، اعتزاز احسن چيو آهي ته 264 پولنگ اسٽيشنز تان هٿ آيل 145 ٿيلهن جون مهرون ئي ٽٽل هيون، جڏهن ته 107 ٿيلهن تي منڍ کان ڪا مهر ئي نه لڳل هئي.

اعتزاز احسن پاران جاري ڪيل اڇي چٺي ۾ چيو ويو آهي ته ٻن پولنگ اسٽيشنز 84 ۽ 221 جا جڏهن ٿيلهي کوليا ويا ته بيلٽ پيپر بدران ردي نڪتي ۽ هتي جن نتيجن جو اعلان ڪيو ويو، اهي فرضي هئا.

اعتزاز احسن جو چوڻ آهي ته 10 پولنگ اسٽيشنز جو رڪارڊ اهڙو هو، جنهن ۾ جيڪو مواد هو ان جو پولنگ سان ڪو واسطو ئي نه هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*