سنڌ جي ڏاهي ڪامريڊ سوڀي گيان چنداڻي جي ٻي ورسي سندس لاڙڪاڻي واري گهر ۾ سادگي سان ملهائي وئي

larkana-Map05-8

سنڌ جي ڏاهي ڪامريڊ سوڀي گيان چنداڻي جي ٻي ورسي سندس لاڙڪاڻي واري گهر ۾ سادگي سان ملهائي وئي، ثقافت کاتي ڪابه تقريب منعقد نه ڪئي.وارثن جو چوڻ آهي ته سنڌ سرڪار پاران ڪامريڊ جي سماڌي ٺاهڻ واري اعلان تي به عمل نه ٿي سگهيو.

سنڌ جي ڏاهي ڪامريڊ سوڀي گيان چنداڻي جي ٻي ورسي وارثن پاران سندس لاڙڪاڻي واري گهر ۾ سادگي سان ملهائي وئي، ڪنهن به شاعر ليکڪ يا اديب سندس ورسي ۾ شرڪت نه ڪئي آهي.

سوڀي گيانچنداڻي جي پٽ نرمل داس جو چوڻ آهي ته سنڌ سرڪار ڪامريڊ سوڀي گيان چنداڻي کي وساري ڇڏيو آهي، ثفاقت کاتي کي ڪامريڊ جي ورسي تي ساڻن ڪوبه رابطو نه ڪيو   آهي.

هن چيو ته سنڌ سرڪار ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي جي لاڙڪاڻي جي جناح باغ وٽ سماڌي ٺاهڻ جو اعلان ڪيو هو، پر ان تي به اڃا  تائين عمل ناهي ڪيو ويو.

نرمل داس جو چوڻ هو ته افسوس آهي ته ڪامريڊ سوڀي گيان چنداڻي جي دوستن توڙي، اديبن ۽ شاعرن سندس ورسي ۾ شرڪت نه ڪئي آهي، رڳو فيس بڪ تائين محدود آهن.

هوڏانهن شهدادڪوٽ ۾ هڪ سماجي تنظيم پاران سوڀي گيانچنداڻي جيي ورسي تقريب منعقد ڪئي وئي آهي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*