عيد ميلاد النبي صلي الله عليهه وآلهه وسلم جي سلسلي ۾ جوهي ۾ مختلف مذهبي اڳواڻن پاران ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي ماڻهن شرڪت ڪئي

johi

عيد ميلاد النبي صلي الله عليهه وآلهه وسلم جي سلسلي ۾ جوهي ۾ مختلف مذهبي اڳواڻن پاران ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي ماڻهن شرڪت ڪئي.

جشن عيد ميلاد النبي جي سلسلي ۾  شهرين  سيد نور محمد شاهه، مولوي غلام مصطفٰي عطاري ۽ ٻين جي اڳوڻي م والي بال گرائونڊ کان ڇنڊڻ موري تائين موٽر سائيڪل ريلي ڪڍي.

ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ٻنهي جهانن جي سردار محمد مصطفيٰ صلي الله عليهه آلهه وسلم جن جو يوم ولادت سڀني مسلمانن لاءِ وڏو ڏينهن آهي.

هنن چيو ته حضور پاڪ جن امن، ڀائيچاري ۽ محبت جو پيغام ڏئي سموري دنيا جي مسلمانن کي هڪ لڙي ۾ پروئي ڇڏيو هو، پاڻ ڪريم جن جي ڏسيل راهه تي هلي پنهنجي صفحن ۾ اتحاد قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*