وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته صلاحڪارن کي هٽايو نه آهي پر سندن ايگزيڪيوٽو اختيار واپس ورتا آهن

cm malir

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته صلاحڪارن کي هٽايو نه آهي پر سندن ايگزيڪيوٽو اختيار واپس ورتا آهن، قانون موجب ڪابينا ۾ 18 وزير رکي سگهجن ٿا، مشيرن ۽ صلاحڪارن بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾چئلينج ڪيو ويندو.

پ پ ملير جي اڳوڻي صدر عمر جت جي لاڏاڻي تي سندس وارثن سان تعزيت ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته عمر جت پ پ جو پڪو جيالو هو،جنهن جون  پارٽي ۽ عوام لاءِ ڪيل خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون.

وڏي وزير مشيرن ۽ صلاحڪارن کي هٽائڻ واري سوال جي جواب ۾ چيو ته عدالتي حڪم تي صلاحڪارن کان رڳو ايگزيڪيوٽو اختيار واپس ورتا آهن.

مراد علي شاهه صلاحڪارن بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته قانون موجب ڪابينا ۾ 18 وزير رکي سگهجن ٿا.

وڏي وزير چيو ته ملير جا مسئلا حل ڪري عوام کي بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وينديون….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*