پي آءِ اي جهاز حادثي جا ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي آهي

Supreme-Court-18816

پي آءِ اي جهاز حادثي جا ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي آهي، درخواستگذار موقف اختيار ڪيو آهي ته پي آءِ اي کي سياسي بنيادن تي تباهه ڪيو ويو آهي.

اسلام آباد جي هڪ شهري پنهنجي وڪيل جي معرفت سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي.

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته گذريل ڪجهه سالن دوران هڪ هزار 63 ماڻهو حادثن سبب زندگي وڃائي چڪا آهن، پي آءِ اي سميت ٻيا ادارا غير ذميواري جو مظاهرو ڪري رهيا آهن.

درخواست ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پي آءِ اي جي جهازن کي سياسي بنيادن تي اڏايو پيو وڃي، جڏهن ته قومي ايئرلائين جي حادثن جي ڳڻپ دنيا جي پنجين نمبر تي ٿئي ٿي.

درخواست ۾استدعا ڪئي وئي آهي ته گذريل ڏينهن حويليان ۾ ڪري تباهه ٿيل پي آءِ اي جهاز حادثي جا ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ عدالت تفصيل طلب ڪري…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*