ڪربلا جي ميدان مان اسيرن جي مديني واپسي جي ياد ۾ خيرپور جي مختلف امام بارگاهن تان چُپ تازين تي ماتمي جلوس بر آمد ڪيا ويا آهن

khairpur-map10-8

ڪربلا جي ميدان مان اسيرن جي مديني واپسي  جي ياد ۾ خيرپور جي مختلف امام بارگاهن تان چُپ تازين تي ماتمي جلوس بر آمد ڪيا ويا آهن، ان موقعي تي سڪيورٽي انتظام سخت ڪيا ويا آهن.

 خيرپور جي امام بارگاهه وڏو علم ۽ مرڪزي امام بارگاهه لقمان مان علم پاڪ ۽ ذوالجناح سان گڏ جلوسن بر آمد ڪيا ويا، جن ۾ هزارين عزادار شريڪ آهن.

جلوسن ۾ ڪربلا جي اسيرن جي مديني واپسي تي مرثيه ۽ نوحه خواني ڪئي وئي، جنهن بعد شهر جي مختلف امام بارگاهن تان نڪتل جلوس گنج شهداءِ لقمان ۾ پڄاڻي تي پهتا.

امام بارگاهه وڏو علم تان برآمد ٿيل ماتمي جلوس پنهنجي روايتي رستن تان گذرندي نماز مغربين کانپوءِ سندهي ڪربلا تي اختتام پذير ٿيندو، جتي زنجيرن سان ماتم ڪيو ويندو.

ماتمي جلوسن دوران انتظاميه پاران سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪندي پوليس ۽ رينجرس جا جوان مقرر ڪيا ويا ۽ ماتمي رستن کي ڪنڊي دار تارن سان سيل ڪيو ويو آهي……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*