منڇر ڍنڍ جي پاڻي تي با اثر ۽ چونڊيل نمائندن پاران مبينا طور قبضو ڪري مقامي ماهگيرن کي مڇي مارڻ کان روڪڻ ۽ ڀتو گهرڻ خلاف سيوهڻ ۾ سوين ملاحن ۽ سول سوسائٽي جي ماڻهن احتجاجي مظاهرو ڪيو

machaer

منڇر ڍنڍ جي پاڻي تي با اثر ۽ چونڊيل نمائندن پاران مبينا طور قبضو ڪري مقامي ماهگيرن کي مڇي مارڻ کان روڪڻ ۽ ڀتو گهرڻ خلاف سيوهڻ ۾  سوين ملاحن ۽ سول سوسائٽي جي ماڻهن احتجاجي مظاهرو ڪيو.

 پاڪستان فشر فوڪ فورم جي سڏ تي سوين ملاحن مصطفى ميراڻي، پنهل ساريو، مولا بخش ملاح، محمد خان ملاح  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو.

احتجاج ڪندڙن چيو ته بااثر وڏيرن ۽ چونڊيل نمائندن زمينون هجڻ جو جواز ڄاڻائي منڇر ڍنڍ جي پاڻي تي قبضو ڪري ماهيگيرن کي مڇي مارڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.

هنن چيو ته ملاحن کان مڇي مارڻ جي صورت ۾ ڀتو گهريو پيو وڃي، جنهنڪري منڇر جا ملاح فاڪاڪشي ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن.

 هنن چيو ته منڇر ملاحن جي ملڪيت آهي هو ان تان ڪڏهن به هٿ نه کڻندا ۽ ان لاءِ هو هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهن ۽ ڀتو ڪڏهن به نه ڏيندا.

 هنن چونڊيل نمائندي ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کان مطالبو ڪيو ته مقامي وڏيرن پاران ٿيندڙ ظلم ۽ ناانصافي جو نوٽيس وٺي ۽ کين انصاف فراهم ڪيو وڃي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*