سنڌ جي تعليم واري وزير ڄام مهتاب حسين ڏهر سمورن نجي تعليمي ادارن ۾ سنڌي

jam mehtab

سنڌ جي تعليم واري وزير ڄام مهتاب حسين ڏهر سمورن نجي تعليمي ادارن ۾  سنڌي، اسلاميات ۽ ناظرا لازمي پڙهائڻ جو حڪم ڏيندي  پرائيويٽ اسڪولن ۾  فيس ۾ واڌ بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي عملدرآمد ڪرائڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن.

سنڌ سيڪريٽريٽ ڪراچي ۾ تعليم واري وزير ڄام مهتاب حسين ڏهر جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اسپيشل سيڪريٽري عاليه شاهد، ذاڪر شاهه، پرائيويٽ ادارن جي ڊي جي منصوب صديقي، آل سنڌ پرائيويٽ اسڪول ايسوسئيشن جي چيئرمين خالد شاهه ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي.

اجلاس دوران تعليم واري وزير چيو ته سمورن پرائيويٽ تعليمي ادارن ۾  سنڌي، اسلاميات ۽ ناظرا لازمي پڙهائي وڃي ۽ اهڙي فيصلي تي عمل نه ڪندڙ اسڪولن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

تعليم واري وزير تعليمي ادارن ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ جون هدايتون ڏيندي اسپيشل سيڪريٽري کي چيو ته نجي ادارن کي هٿيارن جا لائسنس ڏيارڻ لاءِ گهرو کاتي سان رابطو ڪيو وڃي.

تعليم واري وزير پرائيويٽ اسڪولن پاران فيس ۾ واڌ بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي عملدرآمد ڪرائڻ جون به هدايتون ڏنيون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*