پي ٽي آءِ پاناما ليڪس ڪيس ۾ ڪميشن جوڙڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي، عمران خان چيو آهي ته سمورا ادارا وزيراعظم جي ماتحت آهن، تنهڪري ڪميشن قبول ناهي

imran khan

پي ٽي آءِ پاناما ليڪس ڪيس ۾ ڪميشن جوڙڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي، عمران خان چيو آهي ته سمورا ادارا وزيراعظم جي ماتحت آهن، تنهڪري ڪميشن قبول ناهي، سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني بينچ ئي فيصلو ڪري.

اسلام آباد ۾ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته نواز شريف گذريل ڏينهن سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس هارائي چڪو آهي، سندس وڪيل چيو ته وزير اعظم جي پارليامينٽ ۾ ڪيل تقرير سياسي آهي.

هن چيو ته سپريم ڪورٽ چيو ته رياستي ادارا ناڪام ٿي چڪا آهن، 8 مهينن کان ملڪ کي گروي رکيو ويو آهي.

سندس چوڻ هو ته ه پاناما ليڪس واري ڪيس جو فيصلو جلد چاهين ٿا، نوازشريف گذريل ڏينهن پاناماليڪس ڪيس هارائي چڪو آهي.

عمران خان چيو ته پي ٽي آءِ پاناما ليڪس ڪيس ۾ ڪميشن قبول ناهي، جيڪڏهن ڪميشن جوڙڻي آهي ته نواز شريف کي استيعفيٰ ڏيڻ گهرجي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*