بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ خلاف ايس ٽي پي جي سڏ تي باڊهه ۾ شٽر بند هڙتال ڪئي وئي

بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ خلاف ايس ٽي پي جي سڏ تي باڊهه ۾ شٽر بند هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سڏ تي شهرين ۽ واپاري شهر ۾ شٽر بند هڙتال ڪري مين چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو ۽ نعريبازي ڪئي وئي.

مظاهرين چيو ته شهر ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن  ۾ 18 کان 20 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، جنهن سبب رهواسي سخت پريشان آهن.

هنن چيو ته بجلي جي لوڊشيڊنگ سبب ڪاوربار به سخت متاثر ٿي رهيو آهي، بل ادا ڪرڻ باوجود ڊگهي لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري آهي.

مظاهرين مطالبو ڪيو ته بجلي جي لوڊيشنگ تي ضابطو آندو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*