تيل بحران حڪومت خلاف گهري سازش آهي ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار

ناڻي واري وزير اسحاق ڊار واضح ڪيو آهي ته پيٽروليم بحران جي ذميواري ناڻي واري وزارت نه آهي ۽ نه وري پيٽروليم واري وزارت جو هڪ ڪليم اهڙو آهي، جيڪو ڪليئر نه ٿيو هجي، اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته تيل بحران ٽن کان چئن ڏينهن ۾ حل ٿي ويندو، جڏهن ته اهو بحران حڪومت خلاف گهري سازش آهي.

وزير اعظم جي صدارت هيٺ اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي اسحاق ڊار چيو ته پيٽروليم واري وزارت بحران جا سبب ڳولهي رهي آهي ۽ وزير اعظم جي صدارت هيٺ ان سلسلي ۾ هڪ وڌيڪ اجلاس به ٿي رهيو آهي، جنهن کانپوءِ ئي بحران جي ذميوار ڪردارن جي نشاندهي ٿي سگهندي.

هن چيو ته ناڻي واري وزارت سان پيٽروليم واري وزارت جيڪڏهن ايئن ئي مدد لا ءِ به ڪو رابطو ڪيو هجي ها ته پئسا جاري ڪرڻ ڪو مسئلو نه هو پر اهڙي قسم جو ناڻي واري وزارت سان پيٽروليم واري وزارت جو ڪو به رابطو نه ٿيو آهي.

اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته ميڊيا تي ان سلسلي ۾ آيل خبرون بي بنياد آهن، ناڻي واري وزارت جو ان معاملي سان نه ڪو تعلق هو ۽ نه وري ڪو تعلق آهي.

هن چيو ته پي ايس او رقم روڪڻ بابت ڪو به ڪليم نه ڪيو آهي، هو اهو به نه ٿو ٻڌائي سگهي ته ذميوار ڪير آهي، ڇاڪاڻ ته اهو مسئلو سندس وزارت سان واڳيل نه آهي.

اسحاق ڊار چيو ته هو اهو ته ٻڌائي سگهي ٿو ته اوپن مارڪيٽ، اسٽاڪ مارڪيٽ ۽ انٽربينڪ جي رپورٽ ڇا آهي؟ پر تيل ذخيرن جي صورتحال ۽ کوٽ جا سبب هو نه ٿو ٻڌائي سگهي، اهي سڀ معاملا شاهد خاقان عباسي کان ئي پڇي سگهجن ٿا.

اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ سان طئي ٿيل معاملن تي حڪومت قائم آهي ۽ جڊيشل ڪميشن جي قيام جي سلسلي ۾ حڪومت کي ڪو مسئلو نه آهي.

اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته هن کي پي ٽي آءِ وارن جو خط ٽوڪيو ۾ مليو ۽ اڄ به مصروف هو، جلد انهن سان رابطو ڪيو ويندو.

اسحاق ڊار جو اهو به چوڻ هو ته سندس نظر ۾ پيٽرول بحران جو ذميوار اهي ادارا آهن، جن اسٽاڪ کي ملڪي ضرورت موجب نه رکيو ۽ انهن خلاف ڪارروائي ضرور ٿيڻ گهرجي.

اسحاق ڊآر جو چوڻ هو ته هو ناڻي وزير آهي ۽ کانئس سندس وزارت بابت سوال پڇيا وڃن، هن چيو ته سندس وزارت دوران مالي خساري کي 8 ڏهائي 8 مان گهٽائي 5 ڏهائي پنج تائين آندو ويو آهي، جنهن کي وڌيڪ گهٽائڻ جون ڪوششون به ڪيون پيون وڃن.

اسحاق ڊار وڌيڪ چيو ته جاپان ڌرڻن کان اڳ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جو وڏو خواهشمند هو ۽ هاڻي به هو هتي مختلف رٿائن ۾ پئسا لڳائڻ گهري ٿو، جنهن لاءِ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڳالهين جا دور هلندڙ آهن.

اسحاق ڊآر جو چوڻ هو ته جاپان ياماها موٽر سائيڪلن جو ڪارخانو پاڪستان ۾ لڳائڻ جو خواهشمند آهي، سرڪلر ريلوي جي منصوبي تي به ڳالهيون هلي رهيون آهن ۽ ان سلسلي ۾ جيڪي رنڊڪون آهن، انهن کي ختم ڪيو پيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*