گوسڙو عملي خلاف ڪارروائي ڪري کين ڊيوٽين تان آجو ڪيو ويندو ناديا گبول

صوبائي صلاحڪار، ناديا گبول ملير جي سرڪاري اسڪول ۽ اسپتال ۾ دورو ڪري گوسڙو عملي بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، سندس چوڻ آهي ته گوسڙو عملي خلاف ڪارروائي ڪري کين ڊيوٽين تان آجو ڪيو ويندو.

وڏير وزير سيد قائم علي جي صلاحڪار ناديا گبول ملير جي سرڪاري جي مختلف اسڪولن، سرڪاري اسپتال ۽ ڊي ايم سي  آفيس جو دورو ڪري رڪارڊ چيڪ ڪيو.

صوبائي صلاحڪار جي دوري دوران سرڪاري اسپتال ۽ اسڪولن ۾ غير حاضر عملي بابت بريفنگ ڏني وئي.

صوبائي صلاحڪار ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هــــو وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي خاص هدايت تي سرڪاري ادارن جو دورو ڪري گوسڙو عملي بابت تفصيل ورتا آهن.

ناديا گبول وڌيڪ چيو ته هو گوسڙو عملي بابت وڏي وزير کي رپورٽ پيش ڪندي، ڪوتاهي ڪندڙن کي معاف نه ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*