سيٺارجا ويجهو ڪوٻري شاخ کي لڳل 20 فوٽ گهارو نيٺ پاڻمرادو بند ٿي ويو آهي

sindhi gharo

سيٺارجا ويجهو ڪوٻري شاخ کي لڳل 20 فوٽ گهارو نيٺ پاڻمرادو بند ٿي ويو آهي.

ڪوٻري شاخ کي رات دير سان گهارو لڳو، جنهن ڪري ڀرپاسي جون ڪيتريون ئي زمينون ٻُڏي ويون.

ڳوٺاڻا سڄي رات آبپاشي عملدارن کي اطلاع ڪندا ۽ سندن مدد جاچيندا رهيا پر انتظاميه مان ڪو به نه پهتو.

علائقي واسين پنهنجي مدد پاڻ تحت گهاري کي ٻڌڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪا نيٺ ڪامياب ٿي وئي آهي.

علائقي واسين جو چوڻ آهي ته گهاري سبب سندن قيمتي فصل ٻڏي ويا آهن، جنهن سان کين لکين رپين جو نقصان پهچي سگهي ٿو……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*